راڻا جي رجپوت

راڻا جي رجپوت

راڻا جي رجپوت

راڻا جي رجپوت (ڪتاب): هي ڪهاڻي-ڪتاب مشهور ڪهاڻيڪار حـميـد سـنڌيءَ جي ڪهاڻين جو مجمـوعـو آهـي. شـروعـات جا ’ٻه اکر‘ علي احمد بروهيءَ، ’نوان ٻه اکر‘ تنوير عباسيءَ ۽ ’ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي‘ حميد سنڌيءَ لکي آهي. هن ڪهاڻي- ڪتاب ۾ حميد سنڌيءَ جون مختلف رسالن ’نئون نياپو‘، ’ناري‘، ’عبرت مئگزين‘، ’ٽماهي مهراڻ‘، ’ماهوار لطيف‘ وغيره ۾ ڇپيل 14 ڪهاڻيون شامل آهن.
علي احمد بروهيءَ، حميد سنڌيءَ کي ’سنڌي ڪهاڻيءَ جو استاد ڪاريگر‘ سڏيندي لکيو آهي ته: ”هي خاص طور ڪهاڻيءَ جي گھڙائي ۽ جڙائيءَ جو ڪاريگر آهي، خيال جي اڏام ۽ اکرن جي اڻت به پنهنجي ڏانءَ جي اٿس.“ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي راءِ آهي ته: ”حميد جون ڪهاڻيون ان ڪري اهم آهن، جو هن انهن ۾ سنڌ جي ويهين صديءَ جي ٽين چوٿائيءَ جو سماج، ماحول، ڪردار، انهن جالاڙا، مونجھارا، انهن جي روش ۽ انهن جا مسئلا ويندي ان جي ٻوليءَ، محاورن توڙي اصطلاحن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، هن جي ڪهاڻين جي اهميت تاريخي آهي ۽ اهي هر دور ۾ ڀيڄ ڀنيءَ جي رابيل جيان تازيون ۽ سرهيون رهنديون.“ ڊيمي سائيز جي 144 صفحن جو هي ڪتاب، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد ڇپايو آهي، ان جو پهريون ڇاپو جون 1990ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 340 روپيا آهي.


لفظ راڻا جي رجپوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو